SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو

United Nations Enviorment Programme UNEP

يونائيٽيڊ نيشنس اينوايرونمينٽل پروگرئم

هن پروگرام جو قيام 1972ع ۾ اسٽاڪ هوم ۾ گڏيل قومن جي طرفان سڏايل ڪانفرنس جي نتيجي ۾ پيو. ڪانفرنس جو مقصد دُنيا جي مُلڪن کي ماحول دوست قيادت ۽ ڀائيچارو فراهم ڪندي، معلومات، اُتساهه ۽ سهائتا ذريعي انساني زندگيءَ جو معيار وڌائڻ ۽ ايندڙ نسلن تي نظر رکڻ، دُنيا ۾ ماحولياتي جاڳرتا لاءِ پتوڙڻ، گڏيل قومن جي ماحولياتي سرگرمين کي هڪٻئي سان سلهاڙڻ، ماحولياتي ڀلائيءَ لاءِ دُنيا جي مختلف خطن وچ ۾ رابطو وڌائڻ، اُسرندڙ ملڪن ۾ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي مدد ڪرڻ آهي. ماحوليات بابت بين الاقوامي قانون سازيءَ لاءِ هاڪاري ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان، هن اداري ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي. اداري جو مرڪزي دفتر ’نيروبي‘ (ڪينيا) ۾ آهي ۽ دُنيا جي ڪيترن ٻين مُلڪن ۾ ان جون علائقائي آفيسون آهن


Remember Me Also:

گدلو

ذ . صفت. سن . گد + آل = ميرو مٽيءَ ۾ ڀريل ، مٽيءَ هاڻو ، ميرو ، ڪِنو ، غليظ ، گندو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal